ڍاڪا(م ڊ) بنگلاديش ۾ هلندڙسال هيل تائين ڊينگي بخار سبب فوتگين جو انگ 900 کان به وڌي ويو آهي .چيني خابرو اداري موجب بنگلاديش جي وزارت صحت تحت ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف هيلٿ سروسز ( ڊي جي ايڇ ايس ) پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب ڊينگي بخار مان سيپٽمبر دوران 316 فوتگيون ٿيون جنهن کان پوءِ هلندڙ سال فوتگين جو انگ 909 ٿي ويو آهي .