ناڪاري سوچ کان ڪيئن بچجي ۽ ان جا فائدا ڪهڙا آهن؟

لنڊن (ويب ڊيسڪ) بهترين ذهني صحت ان ڳالهه جي تقاضا ڪندي آهي ته ناڪاري خيالن سبب پيدا ٿيندڙ پريشانين ۽ مايوسي کي گھٽائڻ لاءِ پنهنجي خوف جو مقابلو ڪرڻ گھرجي.
تازو ئي ٿيل هڪ سائنسي مطالعو ڄاڻايل دعويٰ کي صحيح ثابت ڪري ٿو. محققن جي رپورٽ موجب مطالعي ۾ شريڪ ڪجهه ماڻهن جي ذهني صحت ۾ ان وقت بهتري نظر آئي جڏهن هنن مخصوص تربيت حاصل ڪئي ته مستقبل ۾ پيش ايندڙ ناڪاري واقعن بابت ڪيئن پنهنجي خوف ۽ خدشن کي ختم ڪيو وڃي.
وڌيڪ اهو ته مطالعي جي شروعات ۾ ذهني صحت جي خراب علامتن ماڻهن ماڻهن آخري مرحلي تائين وڌيڪ بهتري محسوس ڪئي جڏهن هنن پنهنجن ناڪاري خيالن تي مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪرڻ سکي ورتو.
برطانيا جي يونيورسٽي آف ڪيمبرج ۾ MRC ڪوگنيشن اينڊ برين سائنسز يونٽ جي سينٽر سائنسدان ۽ محققن جي ٽيم جي ليڊر مائيڪل اينڊرسن چيو ته اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته جڏهن اوهان پريشان ڪندڙ يا ناڪاري خيالن يا خدشن کي پنهنجي ۾ پوئتي ڌِڪي ڇڏيندا آهيو ته اوهان جي رويي ۾ لاشعري اثرن جي صورت ۾ واپيس ايندا آهن. ۽ اوهان جي خوابن، جذبن ۽ مقابلن چالن تائين کي متاثر ڪري سگھن ٿا.
هنن چيو ته پر اها ڳالهه نيورو ۽ نفسيات جي سائنسز مان ملندڙ شاهدين سان ٽڪراءَ ۾ آهي، سڀ ثبوت ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪن ٿا ته ناخوشگوار يا ناڪاري سوچن کي گھٽ ڪري ذهني صحت کي بهتر ڪري سگھجي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.