سياري جي موسم صحيح نموني شروع ته ناهي ٿي پر پوءِ به گرمي جو ٽوڙ ٽٽڻ سان ئي خشڪ ميون جي استعمال ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿيندي پئي وڃي، جتي غربت ۽ مهانگائي عوام کي هڪ ويلو کائڻ کان به عاضرت بڻائي ڇڏيو آهي، اُتي اهڙا ماڻهو به ضرور موجود آهن جن تي مهانگائي جو ڪو خاص اثر نٿو پوي. بهرحال مهانگائي ۽ بيروزگاري پنهنجي جاءِ تي آهي جنهن جي ڪري غريب سخت پريشانين کي به منهن ڏين ٿا، جن جو اندازو آهي پر قدرت جي نعمتن ۽ انهن جي فائدن کان انڪار نٿو ڪري سگهجي، اهڙي ئي حوالي سان اسان اڄ سياري جي موسم جي هڪ اهڙي ميوي جي فائدن بابت ٻڌائينداسين جيڪو ماڻهوءَ جي صحت تي حيران ڪندڙ اثر وجهي ٿو. حقيقت ۾ اهو ميوو بيمارين کان بچائڻ جو بهترين سهارو به آهي. اهو ميوو جاپاني ڦل يا خشڪ املوڪ آهي.
جاپاني ميوي يا املوڪ جو نه رڳو ذائقو سُٺو آهي پر ان ۾ صحت جا به حيران ڪندڙ فائدا هوندا آهن.
خشڪ املوڪ ۾ وٽامن اي جو ججهو مقدار هوندو آهي جنهن جي ڪري هڪ مهيني تائين لڳاتار بنيادن تي ان جو استعمال اکين جي تڪليف کان بچائڻ لاءِ تمام فائديمند ۽ حيران ڪندڙ نتيجا ڏئي ٿو. روز اهو ميوو کائيندڙ ماڻهن جي اکين جي روشني تمام تيز ٿيندي آهي ۽ انهن کي گهٽ نظر جو مسئلو ڪڏهن به ناهي ٿيندو. اهو ئي سبب آهي ته انکي ڪيترين ئي جاين تي دوا طور به استعمال ڪيو ويندو آهي.
ان ميوي ۾ فائبر جو به ججهو مقدار هوندو آهي جيڪي ماڻهو پنهنجو وزن گهٽائڻ چاهن ٿا اهي املوڪ کي نيراني کائن ته انهن جو وزن بنا نقصانن جي تيزي سان گهٽجي به ويندو ۽ انهن ۾ طاقت ۽ ڦڙتي به بحال رهندي. اهو ميوو بُک کي گهٽائيندو آهي ته جيئن معدي کي اوتري ئي خوراڪ ملي جيتري انکي ضرورت آهي.
خشڪ املوڪ کائيندڙ ماڻهن کي دل جي بيماريون گهٽ ٿينديون آهن ۽ اهو وڏي حد تائين بلڊ پريشر کي ضابطي ۾ رکندو آهي، ان جو مخصوص مقدار ۾ استعمال رت کي صاف ڪندو آهي ۽ دل جي وڏي کان وڏي بيمارين کي ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.
رت کي صاف ڪرڻ واري خاصيتن جي ڪري اهو ميوو چمڙي جي بيمارين ۽ جسم توڙي چهري جي خوبصورتي لاءِ به تمام سُٺو ثابت ٿيندو آهي.
ان ميوي جي استعمال سان جسم جو مدافعتي نظام مضبوط ٿيندو آهي جڏهن ته ٿوري ئي ڏينهن ۾ اهو قبضي جي شڪايت کي به ختم ڪري ڇڏي ٿو. ان ۾ قبضي جي خاتمي لاءِ انجير ميوي جهڙيون خاصيتون آهن ان سان گڏ اهو آنڊن جي صحت کي به بهتر بڻائيندو آهي.