اسان جو دماغ جسم جي ڪنٽرول سينٽر جي حيثيت رکي ٿو جيڪو دل جي ڌڙڪي کي به جاري رکندو آهي، ڦڦڙن کي ساهه کڻڻ ۽ اسان کي گھمڻ، ڦرڻ، سوچڻ ۽ محسوس ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندو آهي.
پر عمر سان گڏ دماغ ۾ تبديليون اينديون آهن ۽ ذهني فعل به تبديل ٿيندا آهن.
عمر وڌڻ سان گڏ دماغ ڪمزوري جو شڪار ٿيڻ لڳندو آهي ان جو نتيجو پوڙهائپ ۾ الزائمر ۽ ڊيمنشيا جهڙن مرضن جي صورت ۾ به نڪري سگھي ٿو.
پر اسان جون غذائي عادتون به دماغي ڪمزوري جو سفر تيز ڪري سگھن ٿيون.
اهڙين ئي غذائن بابت ڄاڻيو جيڪي دماغ کي تباهه ڪندڙ ثابت ٿي سگھن ٿيون.
تَريل غذائون
تَريل غذائون جهڙوڪ فرنچ فرائيز ۽ ٻين سان جسماني وزن ۾ ته واڌ ٿيندي ئي آهي، ان سان گڏوگڏ دماغ کي به نقصان پهچندو آهي.
جرنل آف نيوٽريشنل سائنس ۾ ڇپيل هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته تَريل غذائون کائيندڙ ماڻهو دماغي فعلن جي ٽيسٽن ۾ ناقص اسڪور حاصل ڪندا آهن.
ماهرن ٻڌايو ته اهڙيون غذائون ورم وڌائين ٿيو جڏهن ته دماغي ٽشوز سُسي وڃن ٿا جنهن سان دماغي ڪمزوري جو خطرو وڌي ٿو.
کنڊ مان تيار ٿيندڙ مٺا شربت
سافٽ ڊرنڪس ۽ فروٽ جوسز سوڌو کنڊ مان تيار ٿيندڙ هر شربت دماغ لاءِ نقصانڪار هوندو آهي.
طبي ماهرن موجب کنڊ جو گھڻو استعمال دماغ کي نقصان پهچائيندو آهي.
ان حوالي سان هڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته مٺا شربت پيئڻ جي عادي ماڻهن جي يادداشت ڪمزور هوندي آهي جڏهن ته انهن جو دماغ به گھٽ ڪم ڪندو آهي.
رفائن ڪاربوهائڊريٽس
اڇا چانور، اڇي ڊبل روٽي، اڇا پاستا ۽ ٻين پراسيس غذائن سان بلڊ شگر جي سطح ۾ تيزي سان اضافو ٿيندو آهي ۽ بلڊ شگر وڌڻ سان دماغي صحت تي به ناڪاري اثر پوندا آهن.
آمريڪن جرنل آف ڪلينيڪل نيوٽريشن ۾ ڇپيل هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته رفائن ڪاربوهائڊريٽس تي ٻڌل غذائن جي استعمال سان ڊپريشن جو خطرو وڌندو آهي.
هٿرادو مٺاڻ مان تيار ٿيندڙ شربت
شگر فري يا ڊائٽ شربتن جو استعمال عادت بڻائڻ سان ڊيمينشيا ۽ فالج جو خطرو وڌندو آهي.
تحقيقي رپورٽس ۾ دريافت ڪيو ويو ته جيڪي ماڻهو روز هڪ ڊائٽ شربت پيئندا آهن، انهن ۾ فالج يا ڊيمينشيا جو خطرو ٻين جي ڀيٽ ۾ لڳ ڀڳ 3 ڀيرا وڌيڪ هوندو آهي.
فاسٽ فوڊ
فاسٽ فوڊ ۾ سڻڀ ۽ کنڊ جو مقدار گھڻو هوندو آهي جنهن جي ڪري الزائمر جو خطرو وڌندو آهي.
اهڙيءَ طرح فاسٽ فوڊ ۾ لوڻ جو به گھڻو استعمال ڪيو ويندو آهي جنهن سان بلڊ پريشر وڌندو آهي ۽ دماغ تائين رت جي رواني متاثر ٿيندي آهي.
ان سان دماغ جي ڌيان ڏيڻ جي صلاحيت ۽ يادداشت متاثر ٿيندي آهي.
الٽرا پراسيس غذائون
الٽرا پراسيس غذائن جو استعمال دماغي ڪمزوري (ڊيمينشيا) جو خطرو وڌائيندو آهي.
الٽرا پراسيس غذائن ۾ مٺايون، ٽافيون، ڪيڪ، نمڪين شيون، بريڪ فاسٽ سيريلز، چڪن ۽ فش نگٽس، انسٽنٽ نوڊلز ۽ ٻيون شامل آهن.
جرنل جاما نيورولوجي ۾ ڇپيل هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته جيڪڏهن روز 20سيڪڙو کان وڌيڪ ڪيلورز الٽرا پراسيس غذائن جي ذريعي حاصل ڪيون وڃن ته دماغي ڪمزوري جو خطرو به وڌي ويندو آهي.
سراسري طور تي هڪ فرد روز 2 هزار ڪيلوريز تي ٻڌل غذا کي جسم جو حصو بڻائيندو آهي ته اهو مقدار 400 ڪيلوريز جي ويجهو بڻجي ويندو آهي.
نوٽ: اهو مضمون طبي رسالن ۾ ڇپيل تفصيلن تي ٻڌل آهي، ان حوالي سان پنهنجي ڊاڪٽر کان به مشورو وٺو.