پنج ڳالهيون عام سمجهڻ بدران پنهنجي شگر چيڪ ڪرايو!

اڄڪلهه شگر جو مرض عام ٿي ويو آهي، اهو نه رڳو پاڻ هڪ بيماري آهي پر ٻين ڪيترين ئي بيمارين جي جڙ پڻ آهي، سُٺي ڳالهه وري اها به آهي ته طرز زندگي مٽائي به ان مرض جي خطرن کان بچي سگهجي ٿو. ان مرض جي جيڪڏهن وقت تي خبر پوي ته ان تي ضابطو آڻي ٻين خطرن کان به بچي سگهجي ٿو.

اڄ اسان اوهان کي ڪجهه اهڙيون نشانيون ٻڌائينداسين جيڪي ڪنهن سان به ٿي سگهن ٿيون، اهي نشانيون ايتريون عام آهن جو ماڻهو انهن ڏي گهڻو ڌيان ناهي ڏيندو پر توهان انهن بابت سنجيده ٿيڻ گهرجي ڇو ته اهي شگر جي مرض جون علامتون ٿي سگهن ٿيون، انڪري توهان کي فوري طور تي پنهنجي شگر چيڪ ڪرائڻ گهرجي.

جيڪڏهن توهان جي ننڊ پوري آهي، توهان کاڌو به صحيح نموني کائو ٿا، توهان کي ڪا سخت جسماني سرگرمي به ناهي ۽ ان جي باوجود به توهان ٿڪاوٽ جو شڪار رهو ٿا ته اها عام ڳالهه نه سمجهو، اها نشاني شگر جي علامت ٿي سگهي ٿي. انڪري توهان کي پنهنجي شگر ضرور چيڪ ڪرائڻ گهرجي.

سياري جي موسم ۾ يا گهڻو پاڻي پيئڻ جي ڪري گهڙي گهڙي پيشاب اچي ته اها ته عام ڳالهه آهي پر جيڪڏهن اهي ٻئي سبب نه هجن ۽ گهڙي گهڙي پيشاب ايندو هجي ته اها به شگر جي اهم علامت هوندي آهي. ڇو ته جڏهن جسم ۾ مٺاڻ جو مقدار وڌي ويندو آهي ته گردا انکي صحيح نموني صاف ناهن ڪري سگهندا ۽ اهو پيشاب ۾ گڏجي ويندو آهي جنهن جي ڪري گهڙي گهڙي پيشاب ايندو آهي. گهڙي گهڙي پيشاب اچڻ انفيڪشن جو سبب به هوندو آهي پر بهتر آهي ته توهان کي پنهنجي شگر چيڪ ڪرائڻ گهرجي.

گهڻي وڌيڪ شگر اکين جي لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندي آهي اهڙي صورتحال ۾ ڪڏهن ڪڏهن اکين جي روشني مڪمل طور به ختم ٿي ويندي آهي. پر جيڪڏهن توهان جي اوچتو نظر گهٽ ٿيڻ لڳي ته اها به شگر جي علامت ٿي سگهي ٿي انڪري توهانکي ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ سان گڏ پنهنجي شگر ضرور چيڪ ڪرائڻ گهرجي.

ڪيترن ئي ماڻهن جو ڪڏهن ڪڏهن اوچتو وزن وڌڻ يا گهٽجڻ لڳندو آهي، وزن ۾ واڌ يا گهٽتائي هونئن ته کاڌ خوراڪ سان جڙيل آهي پر ائين به ناهي ته وزن جو وڌڻ ۽ گهٽجڻ خوراڪ جي ڪري ئي شروع ٿي وڃي. اوچتو وزن جو وڌڻ يا گهٽجڻ به شگر جي مرض جي علامت هوندي آهي. جڏهن جسم انسولين ٺاهڻ جي مقدار جو اندازو ناهي لڳائي سگهندو ته وزن گهٽجڻ يا وڌڻ شروع ٿي ويندو آهي. انڪري اهڙي صورتحال ۾ به توهان کي پنهنجي صحت جو خيال رکندي شگر جي ٽيسٽ ضرور ڪرائڻ گهرجي.

چهري، ڳچيءَ، گوڏن ۽ پيرن جو رنگ مٽجڻ يا سانورو ٿيڻ به شگر جي علامت هوندو آهي. جڏهن جسم ۾ انسولين جي کوٽ ٿي ويندي آهي ته جسم گهڻو رنگ پيدا ڪرڻ شروع ڪندو آهي جنهن جي ڪري جسم جا ڪيترائي عضوا سانورا ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن. انڪري پيرن، ڳچيءَ يا ڄنگهن يا چهري جي سانوري ٿيڻ کي به عام نه سمجهو اها به هڪ شگر جي علامت هوندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.