وقت کان اڳ سمهڻ وارو راز زندگي تي اهم اثر وجهي ٿو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ننڊ انساني صحت ۽ زندگي جي معيار کي متاثر ڪندڙ سڀ کان اهم رخن مان هڪ آهي. ڊاڪٽرن ۽ ماهرن جو چوڻ آهي ته ڀرپور ننڊ ڪرڻ خاص طورتي رات جو جلدي سمهڻ اوهان جي صحت تي سٺو اثر وجهي سگهي

ٿو.

سائنسي مطالعن ۾ جسماني صحت ۽ دماغي صحت جهڙن رخن سان جلد سمهڻ جي فائدن سان گڏوگڏ انساني روزاني جي ڪارڪردگي تي ان جي اثرن جو جائزو ورتو ويو آهي.

سوير ننڊ ڪرڻ دماغي افعالن کي وڌائڻ ۽ ڏينهن جي وقت هوشيار رهڻ ۽ ڌيان ڏيڻ ۾ مدد ڪري ٿي.

سوير سمهڻ دل ۽ رت جي نالين جي صحت کي وڌائڻ ۽ هاءِ بلڊ پريشر ۽ شگر جهڙين بيمارين جي خطري کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار آهي.

پوري ننڊ موڊ ۽ هاڪاري جذبن کي بهتر بڻائيندي آهي جڏهن ته ننڊ جي کوٽ دٻاءُ ۽ ڊپريشن جو خطرو وڌائي ٿي.

سوير ننڊ اهم هارمونز جيئن گروٿ هارمون ۽ نيوٽريشن بيلنس هارمونز جي خارج ٿيڻ کي ڪنٽرول ڪري ٿي جيڪي واڌ ويجهه ۽ مجموعي صحت کي هاڪري طو تي متاثر ڪندا آهن.

بستر تي وڃڻ ۽ سوير جاڳڻ اوهان جي ڏينهن جي وقت کي وڌائي ٿو جنهن سان اوهان جي پيداواري صلاحيت وڌائڻ ۽ وڌيڪ ڪم ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.

سوير سمهڻ بهتر ننڊ جي چڪر کي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي جيڪو آرام ۽ سڪون جي احساسن ۾ مددگار هوندو آهي.

سوير سمهڻ صحتمند لائيف اسٽائل کي قائم رکڻ ۾ مددگار آهي جنهن ۾ ورزش ڪرڻ ۽ صحيح وقت تي کاڌو کائڻ شامل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.