موبائل فونز جي گھڻي استعمال سان عجيب مرض پکڙجڻ لڳو

موجودا دور ۾ موبائل فونز لڳ ڀڳ هر فرد جي زندگي جو حصو بڻجي چڪيون آهن، پر ڪجهه ماڻهو ان جي ڪري هڪ عجيب مرض کي منهن ڏئي رهيا آهن.
نو موبائل فون فوبيا (نوموفوبيا) جي اصطلاح جو استعمال اهڙي انزائٽي لاءِ ڪيو ويندو آهي جنهن کي ڪو به شخص ان وقت منهن ڏيندو آهي جڏهن موبائل فون سندس پهچ ۾ ناهي هوندي.
جرنل بي ايم سي سيئيڪاٽري ۾ ڇپيل هڪ تحقيق موجب نوموفوبيا مان موبائل جي عادت جو اظهار ٿيندو آهي.
انزائٽي، ڪاوڙ، پگھر نڪرڻ، ساهه کڻڻ جي انداز ۾ تبديليون، دل جو ڌڙڪو وڌي وڃن ۽ ڀرپاسي جي ماحول جو احساس ختم ٿيڻ ان مرض جون علامتون آهن.
تحقيق ۾ ٻڌايو يوو ته نوجوانن ۾ نوموفوبيا گھڻو عام آهي پر هر عمر جا ماڻهو ان کي منهن ڏئي رهيا آهن.
تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته موبائل فونز تي گھڻو ڀاڙڻ سبب ماڻهن ان عارضي کي منهن ڏئي رهيا آهن.
محققن موجب موبائل فونز اسان جي زندگي جو اهم حصو بڻجي چڪيون آهن ڇو جو اهي مِني (Mini) ڪمپيوٽر جو ڪم ڪن ٿيون جن سان اسان کي ڪٿي به پنهنجو ڪم ڪري سگھندا آهيون ۽ خاندان سان به سلهاڙيل رهندا آهيون.
هنن ٻڌايو ته پر جڏهن اسان اوچتو موبائل فونز کان محروم ٿي ويندا آهيون ته ذهني بيچيني جو شڪار ٿي ويندا اهيون ڇو جو اسان کي لڳندو آهي ته زندگي ۾ ڪجهه گھٽجي ويو آهي.
سندن چوڻ هو ته خود اعتمادي جي کوٽ، جذباتي انتشار ۽ انزائٽي جي ويجهو پهچندڙ ماڻهن ۾ نوموفوبيا مان متاثر ٿيڻ جو خطرو وڌيڪ هوندو اهي.
محققن ٻڌايو ته جڏهن ڪو فرد موبائل فون تي گھڻو ڀاڙيندو آهي ته ان جي زندگي جي مختلف رخن تي ناڪاري اثر پوندا آهن.
ان جي نتيجي ۾ سندس ڌيان ڏيڻ جي صلاهيت متاثر ٿيندي آهي جڏهن ته روز مرا جو ڪم ڪرڻ به ڏکيو ٿي ويندو آهي.
ماهرن ٻڌايو ته جيڪڏهن ماڻهو ان فوبيا کان بچڻ چاهن ٿا ته فارغ وقت ۾ موبائل فون کانسواءِ رهڻ جي ڪوشش ڪن، اهڙيءَ طرح روز هڪ ڪلاڪ لاءِ فون بند ڪري ڇڏيو يا فون کي گھر ۾ ڇڏي ٻاهر نڪري وڃو.
ماهرن جو چوڻ هو ته وقت گذارڻ لاءِ نوان مشغلا اپنائڻ سان به فون تي ڀاڙڻ گھٽجي ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.