عدالت جو آصف زرداري ۽ فريال کي حڪم….

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر کي مني لانڊرنگ بابت نيب ڪيس جي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. تفصيل موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني ڪوڙي اڪائونٽ ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر جي عبوري ضمانت جو لکت وارو حڪم نامو جاري ڪندي چيو آهي ته آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر هر ٻڌڻي تي حاضري يقيني بڻائن، نيب ايندڙ ٻڌڻي تائين انڪوائري رپورٽ جمع ڪرائي جڏهن ته نيب پيراوائز ڪمٽنس به ايندڙ ٻڌڻي کان اڳ جمع ڪرائي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.