کير کان وڌيڪ ڪيلشيم ڏيندڙ 3 اهم غذائون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جتوڻيڪ ڪيلشم جي مقدار کي برار رکڻ لاءِ ڪيتريون ئي دوائون به استعمال ڪيون وينديون آهن پر متوازن غذا کائڻ جا اثر وڌيڪ بهتر ۽ جٽادار هوندا آهن.

ماهرن اهڙيون 3 غذائون ٻڌايون آهن جن ۾ هڪ گلاس کير کان وڌيڪ ڪيلشيم هوندو آهي.

پهرين غذا پالڪ آهي، هڪ ڪپ اٻريل پاڪ ۾ 245 ملي گرام ڪيلشيم هوندو آهي.

ٻيي غذا تخم هاليم آهي. 100 گرام تخم هاليم ۾ 266 ملي گرام ڪيلشيم هوندو آهي.

ٽئين غذا انجير آهي. اڌ ڪپ انجير ۾ 362 ملي گرام ڪيلشيم هوندو آهي.

تخم هاليم کي رات جو ڀڄائي رکي صبح جو واپرائجي ۽ انجنير کي ڪٽي کير، دليي يا سلاد سان کائجي ڇڏجي جڏهن ته پاڪ ڀاڄي ۾ يا جوس ڪڍي پي سگهجي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.