ٽنڊوغلام حيدر(ن ع آ ) ٽنڊوغلام حيدر ڀرسان ڳوٺ ڪالو خان بهراڻي ۾ اوچتو باھ لڳڻ سبب پورهيتن جا چار گهر سڙي رک ٿي ويا،جڏهن تہ باھ لڳڻ سبب پورهيتن محمڊ بخش،الاهي بخش،تاج محمد ۽ مير بهراڻي جي چار گهرن اندر پيل اناج،هنڌ،کٽن ۽ نياڻين جي ڏاج لاءِ پيل سموري سامان سميت الھ تلھ سڙي ويو.متاثرن پاران ٽنڊوغلام حيدر فائربرگيڊ عملي کي اطلاع ڪيو پر بدقسمتي سان وڏي عرصي کان ناڪاره بڻيل فائربرگيڊ گاڏي واقعي واري هنڌ نه پهتي جنهن بعد ڳوٺاڻن پاران پنهنجي مدد سان باھ تي ضابطو آڻي وڌيڪ نقصان کان بچائي ورتو،ٻئي پاسي متاثرن ٻڌايو تہ اوچتو گهرن کي باھ لڳڻ سبب اسان جو وڏو نقصان ٿيو آھي هن وقت تائين ڪو بہ چونڊيل نمائيندي سميت سرڪاري ڪامورو اسان وٽ مدد لاءِ ناهي پهتو سخت گرمي ۾ نياڻيون کلي آسمان بي يارو مددگار ويٺل آهن،متاثر پورهيتن وس وارن کي اپيل ڪندي چيو تہ باھ لڳڻ ڪري گهرن سميت سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو آهي نوٽيس وٺي اسان مسڪينن جي مالي مدد ڪئي وڃي تہ جيئن ٻچن لاءِ اجها اڏي سگهون.