سکر ۾ سپيڪو جي ڪارروائي، 2 سئو غير قانوني ڪنيڪشن ڪاٽيا ويا

سکر(رپورٽر) سيپڪو سب ڊويزن پراڻو سکر پاران ڪنڊا ڪنيڪشن خلاف آپريشن، 200 کان وڌيڪ غيرقانوني ڪنيڪشن ڪاٽا. خبرموجب سيپڪو سب ڊويزن پراڻو سکر جي ٽيم ايس اي ظھور نوناري، ايس ڊي او رمضان ملڪ، عقيل دايو جي اڳواڻي ۾ پراڻو سکر، نمائش، گوشت مارڪيٽ سميت مخلتف علائقن ۾ آپريشن ڪري 200 کان وڌيڪ غير قانوني ڪنڊا ڪنيڪشن ڪاٽيا ويا. ان موقعي تي سيپڪو عملدارن چيو ته ڪنھن کي به بجلي چوري ڪرڻ ڏني ويندي. بجلي چورن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. سيپڪو چيف جي ھدايتن تي بجلي چورن خلاف ڪارروائي تيز ڪئي وئي آھي. بجلي جا بل ادا نه ڪندڙن جي پڻ بجلي ڪٽيون پيو وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.