ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) تاريخدان ۽ محقق ناليواري ليکڪ گل حسن ڪلمتي کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ڪاٺوڙ سوشل ويلفيئر ۽ سنڌ اينڊيجنس رائيٽس الائينس ۽ عوامي ورڪر پارٽي پاران ملير جي ڪاٺوڙ واري علائقي ۾ گل حسن ڪلمتي جي نالي سان شام ملهائي وئي. تقريب کي خطاب ڪندي ناليواري ليکڪ ۽ محقق رخمان پالاري، خدا ڏنو شاهه، الاهي بخش بڪڪ، حنيف دلمراد، سليم دراني، قادر بخش ڪلمتي، يونس خاصخيلي، نور محمد جوکيو، غلام رسول ڪلمتي، حفيظ بلوچ، عظيم، جهانزيب ڪلمتي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. اڳواڻن چيو ته گل حسن ڪلمتي جهڙيون شخصيتون صدين ۾ پيدا ٿينديون آهن جن پنهنجي ڌرتي، قوم ۽ پنهنجي قومي ڪاز کي اُتم رکيو ۽ پنهنجي جدوجهد جو مرڪز پڻ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي ارپي ڇڏيو. سندس جدوجهد ڪنهن تاريخ جيان جوڙي جنهن تحقيق سان گڏوگڏ هڪ قومي ڪارڪن جو ڪردار ادا ڪيو سندس تحقيق جي عمل سنڌ جي تاريخ، درياهن، ٻيٽن، جبلن، چراهگاهن، سسئي پنهون جي تاريخ سميت پنهنجي جدوجهد ۽ قلم ذريعي دنيا کي هڪ نئي معلومات فراهم ڪئي. اڳواڻن چيو ته گل حسن ڪلمتي جتي تحقيقي ڪم ڪيو اتي مزاحمتي سندس ڪردار ساراهه جوڳو آهي جيڪو جدوجهد جا رخ ڌارين جي آبادڪاري خلاف هئا. هنن چيو ته ان جنهن ريت پيرين پنڌ لاڙ کان شروع ڪندي پنهون جي ديس کي پنهنجي تحقيقي لکڻين ذريعي معلومات فراهم ڪئي. سندس بيماري ۽ معاشي بحران جي باوجود ان پنهنجو تحقيقي عمل جاري رکيو. سندس 11 ڪتاب جيڪي سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ شايع ٿيا انهن هڪ پنهنجو الڳ تاريخي حيثيت ماڻي. هنن چيو ته سندس لکڻيون شايع ٿي نه سگهيون آهن تنهن کي اسان سڀ ملي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايون. هنن چيو ته گل حسن ڪلمتي جي جرئت کي سلام آهي جنهن بحريه ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض سان مهاڏو اٽڪايو جنهن توڙ کي ملڪ خلاف ڪو به ميڊيا يا ڪو شايع ٿيندڙ ادارو نالو وٺڻ لاءِ تيار نه هيو. گل حسن کي بحريه ٽائون سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ سنڌ ڌرتي ڌڻي الائينس به ڪنهن حد تائين ساٿ ڏنو پر ملڪ رياض جي طاقت گل حسن ڪلمتي جي هن جدوجهد کي ٽوڙي نه سگهي. گل حسن ڪلمتي پنهنجي تحقيقي عمل لاءِ ڏکين مرحلن مان گذري تاريخ قلمبند ڪئي جيڪا اڄ اسان جي نوجوانن ۽ اسان جي رهنمائي لاءِ هڪ وڏي معلوماتي سهولت اسان جي هٿن ۾ آهي. هنن چيو ته گل حسن ڪلمتي جي قلمي پورهئي کي اڄ سنڌ روينيو سندس تحقيقي عمل کي پنهنجي سرڪاري انگن اکرن ۾ شامل ڪيو آهي. جيڪو اڄ اسان لاءِ رهنمائي جو هڪ وڏو ذريعو بڻيو آهي. هنن چيو ته گل حسن ڪلمتي جي نالي سان هڪ اڪيڊمي جوڙي ويندي جنهن ۾ سندس اڻڇپيل مواد شايع ڪرائڻ لاءِ تحرڪ ورتو ويندو. هنن چيو ته گل حسن ڪلمتي جي يادگار تعمير ڪرائڻ لاءِ سنڌ جون سڃاڻ ڌريون سهڪار ڪن ته جيئن گل حسن جي رهيل ۽ اڻ ڇپيل مواد کي عوام تائين پهچائي سگهون جنهن مان هو لاب ماڻي سگهن.