دادو (ڊ ر) دادو تعلقي جي يونين ڪائونسل پير ترهو ۾ واقع ڳوٺ ڪمال خان جهتيال ۾ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول کي چورن نه نه بخشيو ، ڳوٺاڻن ٻڌايو ته ڪجه وقت اڳ تعليم کاتي جي آفيسرن رشوت عيوض اسڪول ۾ مقرر چوڪيدار کي بدلي ڪري چڏيو جنهن جي نتيجي ۾ گذريل رات اڻڄاتل چور اسڪول جا تالا کولي سولر ڪمري ۾ رکيل سولر پليٽ چوري ڪري ويا، اسڪول جي هيڊ ماستر غلام حسين جويو جو چوڻ آهي ته اسڪول ۾ صبح جو ويس ته اسڪول ھڪ ڪلاس روم جو تالو لڳل نه ھو ان ڪلاس روم مان سولر پليٽ ۽ هڪ سولر پنکو ڪونه ھو جيڪو سامان چوري ڪيو ويو آھي جنهن جو اطلاع حد جي پوليس کي ڏنو پر پوليس اسان جي شڪايت جو ڪوبه نوٽيس نه ورتو مون چوري جو اطلاع تعليم کاتي جي آفيسرن کي ڏنو آهي، ان موقعي تي ڳوٺاڻي علي جان لغاري، مقبول احمد کوکر ، اطهر حسين جويو، ۽ ٻين ٻڌايو ته ڦلجي اسٽيشن پوليس جي حد ۾ چوريون وڌي ويون آھن ايس ايس پي دادو کان اسڪول مان ٿيل چوري واپس ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو.