اوڏيرولال لڳ 2 مزدور وهنجندي واهه ۾ وٻڏي ويا هڪ کي بچايو ويو

اوڏيرولال(رپورٽر) اوڏيرولال لڳ نصيرواهه ۾ ٽنڊي ڄام واسي ٻه ڄڻا مزدور واهه ۾ وهنجندي ٻڏي ويا هئا، اتي موجود رهواسين بروقت هڪ ڄڻي آصف علي کي بچائي ورتو هو، جڏهن ته ساڻس گڏ 16 سالن جو علي جان خاصخيلي ٻڏي فوت ٿي ويو هو، ٽوٻا نه هجڻ سبب لاش مسلسل پنجن ڪلاڪن تائين واهه ۾ ٻڏل رهيو، مقامي رهواسي ڳولا ڪري علي جان جي لاش کي هٿ ڪري ورتو. موقعي تي حد جي پوليس پهچي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ رورل هيلٿ سينٽر اوڏيرولال اسٽيشن منتقل ڪيو، جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.