ڏوڪري ( ن ع آ ) ڏوڪري ٿاڻي جي حد ۾ موهن جو دڙو ريلوي اسٽيشن ڦاٽڪ روڊ تي 2 نامعلوم هٿياربندن واپاري ملازمن نعيم جلباڻي، محمد نواز ۽ ضمير احمد کي يرغمال بڻائي هزارين روڪ رقم، 3 موبائيل فون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري ورتا، جڏھن ته ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن هڪ واپاري ملازمن کي تشدد ڪري هڪ ڄڻي نعيم جلباڻي کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي کي رستي ويندڙن کڻائي ڏوڪري اسپتال پهچايو، اهڙي واردات جو اطلاع حد واري ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي وئي آهي.