پريالوءِ (ن ع آ) پريالوءِ ڀرسان گرلس پرائمري اسڪول موري جي بلڊنگ زبون ڄاڻائي بااثرن اسڪول جي عمارت خالي ڪرائي ڇڏي ، اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪندڙ معصوم ٻارڙن کي گرلس هايئر سيڪنڊري ۾ منتقل ڪرڻ خلاف شهرين جي درخواست تي سيڪريٽري ايجوڪيشن نوٽيس ورتو، گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول موري جي بلڊنگ کي بااثرن اسڪول انتظاميه سان ملي ڀڳت ڪري عمارت ڪمزور ڄاڻائي اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪندڙ 200 کان وڌيڪ معصوم ٻارڙن کي گورنمنيٽ گرلس هايرسيڪندري اسڪول جي سيڪنڊ فلور تي منتقل ڪرڻ خلاف موري جي باشعور ماڻهن سيڪريٽري کي درخواست ڏيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته گورنمنٽ گرلس پرائمري اسڪول موري نزد گورنمنٽ گرلس هائير سيڪنڊري اسڪول موري ڀرسان آهي جنهن کي هٿ سان زبون حالت جو بهانو ڪري بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ان اسڪول ۾ 2عدد ڊبل اسٽوري بلڊنگ پڻ آهن جنهن جا ڪمرا نوان آهن جنهن ۾ پرائمري گرلس جون نياڻيو تعليم حاصل ڪنديون هيون جن کي هاڻي هٿ ٺوڪيو بهانو بڻائي ٻارن کي گرلس هائير سيڪنڊري جي بلڊنگ ۾ مٿي شفٽ ڪيو ويو آهي.