ڏهرڪي لڳ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ زخمي، اسپتال منتقل

ڏهرڪي ( ت ر ) ڏھرڪي ويجهو ڳوٺ سردار پتافي ۾ زمين جي مالڪي تان پتافي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب نوجوان منٺار پتافي گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي زخمي حالت ۾ ڏهرڪي جي اسپتال آندو ويو جتي  کيس حالت نازڪ هئڻ سبب کيس رحميارخان نيو ويو ان موقعي تي زخمي نوجوان منٺار پتافي جي وارثن ٻڌايو ته زمين جي مالڪي پتافي برادري جي بااثرن عبدالرزاق پتافي، محبوب،اسلم پتافي ۽ ٻين گهر تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي آهي جنهن بعد هٿياربندن پاران ڪيل فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب نوجوان منٺار پتافي سخت زخمي ٿي پيو آهي هوڏانهن ڏهرڪي پوليس واقعي جي ابتدائي رپورٽ درج ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.