مٽياري (ڊ ر) ڳوٺ جمن ڀنڀرو جي رھواسي عورتن ۽ معصوم ٻارڙن ڄام شاخ تي احتجاجي مظاھرو ڪندي الزام ھنيو آھي ته مٽياري پوليس جي وڏن اٽالن ڊي ايس پي مٽياري پير الھرکيو قريشي ۽ ايس ايڇ او مٽياري جي اڳواڻي صبح جو فجر نماز مھل اسان جي ڳوٺ تي چڙھائي ڪري چادر ۽ چارديواري جو تقدس پامال ڪندي اسان جي گھرن ۾ ڪاھي پئي ۽ عورتن توڙي ٻارڙن تي تشدد شروع ڪري ڏنو عورتن جو چوڻ ھو ته اڌ رات جو ائين گھرن ۾ گھڙي پوڻ ڪھڙي شرافت آ اسان جون جوان نياڻيون ستيون پيون آھن اسان عزت وارا مسڪين ماڻھو آھيون ڪو ڌاڙيل ناھيون جو اسان تي اھڙي طرح چڙھائي ڪئي وئي ڳوٺاڻن جو چوڻ ھو ته اسان جي ھڪ نوجوان پاران خودڪشي ڪئي وئي ھئي جنھن جي تڏي تي مھمان آيل ھئا پوليس اسان جي انھن مھمانن کي کنڀي ورتو جنھن بعد ڳوٺ جي عورتن مزاحمت ڪندي کنڀيل مھمانن کي ڇڏائي ورتو ڳوٺاڻن جو چوڻ ھو تہ مٽياري پوليس ٻئي ٽئي ڏينھن ائين پوليس گردي ڪندي گھرن ۾ ڪاھيو پئي اسان آئي جي سنڌ توڙي ڊي آئي جي حيدرآباد کان مطالبو ٿا ڪيون تہ اسان مسڪينن مٿان مٽياري پوليس جي ظلم ۽ بربريت جو نوٽيس وٺي اسان کي تحفظ ڏنو وڃي