حيدرآباد ۾ ويئر هائوس جا 3 ملازم جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

حيدرآباد(رپورٽر) سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 2 جي عدالت سائيٽ پوليس هٿان ڪروڙين روپين جي غبن الزام ۾ گرفتار ويئر هائوس  جي 3 ملازمن کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. سائيٽ پوليس گرفتار ملازمن عمران انجم، ابراهيم ڀٽو ۽ سجاد يوسفزئي کي رمانڊ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪيو، پوليس عدالت کي درخواست ڏني تھ جوابدارن تي 9 ڪروڙ رپيا غبن جو الزام آهي، سندن قبضي مان 5 لک رپيا هٿ ڪيا آهن، اڃا کائين باقي رقم بابت آڏي پڇا ڪرڻي آهي ان لاءِ سندن رمانڊ منظور ڪيو وڃي، جنھن تي عدالت پوليس جي درخواست منظور ڪندي جوابدارن کي وڌيڪ ٻن ڏينھن لاءِ جسماني رمانڊ تي ٻيهر پوليس حوالي ڪيو. 2 ڏينهن اڳ ويئر هائوس جي مينيجر حسين لاشاري ڪيس داخل ڪرائيندي الزام هنيو ته انهن پهرين جولاءِ 2022ع تي ويئر هائوس لاءِ ڄاڻايل ملازم ڀرتي ڪيا، ٽنهي ملازمن کي ڪمپنين کان هول سيل اگهه تي عام استعمال جون شيون خريد ڪرڻ لاءِ لڳ ڀڳ 9 ڪروڙ رپيا رقم ڏني هئي، ڪجهھ ڏينهن اڳ شڪ ٿيو ته ڪمپنين کان سامان خريد ڪندڙ ملازم بلن ۾ ڦير ڦار ڪري شين جا وڌيڪ اگهه وصول پيا ڪن، جنھن تي پوليس کين گرفتارڪري وڌيڪ پڇا ڪري رھي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.