لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر ڀرسان ڳوٺ جڙيو چانڊيو واسي نوجوان مبينا ڦر ٿيل موٽرسائيڪل واپس نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي هنن پوليس خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي پورهيت قدم علي چانڊيو پنهنجي وارثن عرفان علي، آصف علي چانڊيو ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي چيو ته گذريل 24 مئي رات جي وقت مان پنهنجي ڳوٺ جڙيو چانڊيو کان ممتاز ڪالوني مائٽن ڏانهن وڃي رهيو هيس رستي ۾ موٽرسائيڪل سوار ٽن هٿياربندن يرغمال بڻائي موٽرسائيڪل ۽ اڍائي هزار روڪ رقم ڦر ڪري آسانيءَ سان فرار ٿي ويا اهڙي واقعي جو اطلاع مون حد جي رحمت پور ٿاڻي جي پوليس ۽ ون فاءِ مددگار بيس پوليس کي ڏيڻ سان گڏ اين سي به داخل ڪرائي پر پوليس هن وقت تائين ڏوهارين جو ڏس پتو نه لڳائي سگهي