عادلپور لڳ نينگري مان زيادتي ڪوشش، ٿاڻي وڃڻ تي ڌڪا، وارثن جو احتجاج

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي لڳ عادلپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ ملوڪ شيخ ۾ 15 سالن جي نينگري ناديه ڌي رحمان شيخ سان مبينا طور گهر اندر زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي. ان حوالي سان نينگري مائي ناديه پنهنجي والد رحمان شيخ ۽ وارثن رياض احمد شيخ، مائي رضيه سان گڏجي احتجاج ڪندي چيو ته منهنجا گهر ڀاتي ٻني تي ڪم سان ويل هوا مان گهر ۾ اڪيلي هيس ته جوابدار اسلم مهر ، محمد نواز مهر ، محمد مهر ۽ ٻين مون کي زيادتي جي ڪوشش ڪئي، منهنجي رڙين تي منهنجا گهر ڀاتي پهتا ته جوابدار فرار ٿي ويا، ان موقعي تي نينگري جي والد داهيندي چيو ته منهنجي نياڻي سان ظلم ٿيو آهي جوابدار بااثر آهن اسان مسڪين آهيون، عادلپور ٿاڻي تي دانهن کڻي وياسين پر پوليس اسان کي ڌڪا ڏيئي واپس ڪري ڇڏيو، هن چيو ته جوابدارن جي علائقي جا بااثر شريف مهر ۽ مور مهر پٺ ڀرائي ڪري رهيا آهن ڪو دانهن ٻڌڻ وارو ناهي گهوٽڪي جي عدالت ۾ پٽيشن پڻ داخل ڪرائي آهي، چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي نوٽيس وٺي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.