غوثپور لڳ شهمير چاچڙ جي گرفتاري لاءِ وارثن جو عورتن ۽ ٻارن سميت احتجاج

غوثپور ( ن ع آ ) غوثپور لڳ ڳوٺ محمد رمضان چاچڙ ڀرسان 2 هفتا اڳ چاچڙ برادري جي هٿياربندن ھٿان قتل ٿيل شهمير چاچڙ جي جوابدارن  جي گرفتاري لاءِ وارثن ۽ عورتون معصوم ٻارڙن جو پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو سخت گرمي سبب تنبو هڻي کلي آسمان هيٺ ويٺل عورتون ۽ ٻارڙا گرمي ۾ تڙ پڻ لڳا موقعي تي احتجاج ڪندڙن محمد يعقوب بشير احمد چاچڙ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جوابدار محمد عظيم سراج ڌڻي بخش چاچڙ کان پوليس رشوت وٺڻ کانپوءِ جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي اسان جي زمين تي قبضو ڪري قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ڪوبه به مالڪي ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهن اسان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان جي زمين تي قبضو ختم ڪرائي قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.