ملير (ڊ ر) ميمڻ ڳوٺ پوليس چوڪنڊي ويجهو هڪ ڏوهاري کي هاف فرائي ڪري سندس قبضي مان پسٽل هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ پوليس موجب چوڪنڊي قبرستان فيروز جوکيو ڳوٺ ويجهو پوليس پاران موٽرسائيڪل سوار شڪي ماڻھن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن دوران موٽر سائيڪل سوارن پوليس مٿان فائرنگ ڪئي، جوابي فائرنگ جي نتيجي ۾ فائرنگ ڪندڙ هڪ ڄڻي حماد کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندس قبضي مان 9 mm پسٽل هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. پوليس موجب فائرنگ ڪندڙ سندس ٻيو ساٿي بلال فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، زخمي جوابدار کي علاج لاء اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي .