ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص باءِ پاس تي ڪار ريسرن موٽر سائيڪل سوارن کي چيڀاٽي ڇڏيو، هڪ ٿڏي تي فوت ٿي ويو، ٻيو زخمي ٿي پيو، هر جمع تي ميرپورخاص جي برگر فيملي جي نوجوانن پاران مين ميرپورخاص حيدرآباد روڊ ۽ شهيد بينظير باءِ پاس، چونا فيڪٽري باءِ پاس تي سوين موٽر سائيڪلن ۽ ڪارن تي لڳندڙ ريس جنهن ۾ لکين رپين جي جوا به لڳي ٿي جيڪي اڳ ڪيترائي دفعا حادثا ڪري ٻن عورتن چار ٻارن سميت 40 کان وڌيڪ بي گناھ انسانن کي موت جي منهن ۾ ڌڪي چڪا آهن پر عوامي شڪايتن باوجود پوليس اثر رسوخ سب برگر فيملي جي نوجوانن خلاف ڪابه ڪاروائي نٿي ڪري، ڳوٺ مير شير محمد ڪاڪ تعلقي شجاع آباد جا رهواسي ٻه نوجوان محمد اعظم ولد محمد صالح مڪراني بلوچ ۽ اعجاز ولد محمد عيسيءِ مڪراني بلوچ جي موٽر سائيڪل کي مبينه ريسنگ وارن ٻن تيز رفتار ڪارن زوردار ٽڪر هنيو، هڪ نوجوان محمد اعظم ولد محمد صالح ٿڏي تي فوت ٿي ويو ۽ اعجاز ولد عيسيٰ سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي نيو ڊسٽرڪٽ ھيڊ ڪوارٽر سول اسپتال جي مبينه ريفر سينٽر ۾ طبي امداد بعد ڳڻتي جوڳي حالت حيدرآباد منتقل ڪيو ويو جڏهن ته ٽڪر هڻندڙ ٻنهي مبينه ڪار ريسرن مان هڪ ڪار جا ريسر سوئفٽ ڪار نمبر بي ڊبليو اين 807 ڪار ڇڏي فرار ٿي ويا جڏهن ته نامعلوم ڪرولا ڪار وارا ريسر ڪار سميت فرار ٿي ويا، ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.