زرين خان پاڪستان اچڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا زرين خان پاڪستان اچڻ جي خواهش ظاهر ڪندي مداحن کي پشتو ۾ پيغام ڏئي ڇڏيو.

زرين خان تازي انٽرويو ۾ چيو ته منهنجي وڏي خواهش آهي ته پاڪستان جي اترئين علائقن ۾ سوات وادي وڃان، منهنجي ناناڻن جو واسطو اتان آهي.

هن چيو ته منهنجو نانو سوات مان آهي ۽ هو 15 آگسٽ 1947 تي آزادي کان اڳ ئي ڀارت اچي ويو هو، هو اڪثر سوات بابت گفتگو ڪندو آهي، جڏهن ته ان جون پراڻيون تصويرون ڏسي اندازو ٿيو ته سوات ڏاڍو خوبصورت هنڌ آهي.

سندس چوڻ هو دعا آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جا لاڳاپا ٺيڪ ٿي وڃن ته سوات جو دورو ڪري سگهان.

زرين خان وڌيڪ چيو ته توڙي جو پنهنجي مادري ٻولي کي جيئرو رکڻ ضروري آهي پر مان پشتو جا ڪجهه لفظ ئي ڳالهائي سگهان ٿي، مان پاڪستان ۾ پنهنجي پشتو مداحن کي چونديس ته ”پخير راغلي“.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.