قادر پٽيل جي الزامن تي تحريڪ انصاف جو درعمل اچي ويو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل جي عمران خان تي سنگين الزامن تي تحريڪ انصاف جو ردعمل اچي ويو.

پي ٽي آءِ جي اطلاعات واري سيڪريٽري فرخ حبيب ردعمل ۾ چيو آهي ته قادر پٽيل جي پريس ڪانفرنس بي شرمي جو عمده ترين مثال آهي، لاقانونيت ۽ آئين جي پامالي جو ڀرپور فائدو کنيو پيو وڃي.

هن چيو ته ملڪ کي بنانا ري پبلڪ بڻائڻ کانپوءِ ڪوڙ جي بازار گرم ڪئي پئي وڃي، قادر پٽيل اڳ ۾ آصف زرداري جي عدالت ۾ جمع رپورٽ ڏسي، آصف زرداري آزادي لاءِ چريائپ جو سرٽيفڪيٽ پنهنجي هٿن سان ڏنو هو.

سندس چوڻ هو ته لاقانونيت تي بيٺل سرڪار تي قوم ئي نه دنيا به حيران ٿي رهي آهي، رياست انهن اوباشن کي بي لغام ڇڏڻ بدران لغام ڏئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.