ڀارت ۾ مڙس جي آخري رسمن دوران ڏکويل زال سندس جدائي برداشت نه ڪري سگھي ۽ انتهائي قدم کڻي ڇڏيو.
ڀارتي رياست تلنگانه جي شهر حيدرآباد سان واسطو رکندڙ منوج جي شادي ڏيڍ سال اڳ ساهتي سان ٿي هئي. منوج سافٽ ويئر انجينيئر هو جيڪو شادي کان پوءِ زال کي آمريڪا وٺي ويو.
جوڙو هلندڙ مهيني پيءُ ماءُ سان ملاقات لاءِ موٽي آيو ۽ ان دوران منوج کي دل جو دورو پئجي ويو. کيس فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو پر هو نه بچي سگھيو .
مڙس جو موت ساهتي لاءِ قيامت بڻجي ويو. 23 مئي تي منوج جون آخري رسمون ادا ڪيو ويون پر ساهتي مڙس جي جدائي برداشت نه ڪري سگھي.
ساهتي ساهرن کي ٻڌائڻ کانسواءِ پيءُ ماءُ جي گھر روانو ٿي وئي جتي هن پاڻ کي ڪمري ۾ بند ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو.