ڪڪڙ نه پچائي ڏيڻ تي مڙس زال کي وڏو صدمو ڏئي ڇڏيو

ڀارت ۾ زال پاران ڪڪڙ پچائڻ کان انڪار ڪرڻ تي مڙس آپگهات ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ڀارتي رياست اتر پرديش جي علائقي پريم نگر ۾ هڪ شخص زال پاران ڪڪڙ پچائڻ کان انڪار ڪرڻ کان پوءِ ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو.

فوتي جي سڃاڻپ پون جي نالي سان ٿي آهي جيڪو هڪ فرنيچر جي دڪان تي ڪم ڪندو هو سندس شادي پريانڪا سان چار سان اڳ ٿي هئي.

رپورٽ موجب جوڙي کي ٻن ورهين جي ڌيءَ به آهي ۽ پون جي زال جو زال سان شراب جي عادت تي جهيڙو ٿيندو رهندو هو.

پون پنهنجي زال کي چيو ته هن لاءِ ڪڪڙ پچائي، جنهن تي پريانڪا اهو چوندي انڪار ڪري ڇڏيو ته هوءَ خاندان لاءِ رات جو کاڌو پچائي چڪي آهي، جنهن کان پوءِ جهيڙو تشدد ۾ تبديل ٿي ويو ۽ پريانڪا ڌار ڪمري ۾ سمهڻ لاءِ هلي وئي.

ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ جڏهن ڀاءُ پون کي سڏڻ لاءِ ويو ته هو ڪمري ۾ ڦاهو کاڌل حالت ۾ مليو.

پون جي ڀاءُ چيو ته هن ڪيترائي ڀيرا ڀاءُ جو در کڙڪايو پر ڪو به جواب نه آيو ان کان پوءِ هن پنهنجي پٽ کي دريءَ مان ڪمري جي اندر ڏسڻ جو چيو.

اطلاع تي پوليس پهچي در ٽوڙي پون جي لاش کي اسپتال منتقل ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.