هن اداڪارا کي پيءُ گولي هنئي هئي؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ انڊسٽري جي مشهور اداڪارا کي سندس پيءُ ڇو ماريو؟ اهو افواه هو يا حقيقت؟ سچ سامهون اچي ويو.

1985ع جي مشهور ڀارتي فلم ’رام تيري گنگا ميلي‘ ۾ پنهنجي صلاحيتن جا جوهر ڏيکاريندڙ اداڪاره ياسمين عرف منداڪني هڪ ڀارتي ٽي وي شو ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي هن پنهنجي ذاتي زندگي ۽ ڪيريئر ۾ پيش ايندڙ مختلف دلچسپ واقعن جو ذڪر ڪيو ۽ ڪجهه حقيقتن کان آگاهه ڪيو.

منداکنی

هونئن ته منداڪيني پنهنجي نجي زندگيءَ بابت گهٽ ڳالهائي ٿي، پر هن شو ۾ هڪ اهڙي افواهه بابت ٻڌايو جنهن سڀني کي پريشان ڪيو هو.

منداڪني چيو ته هڪ دفعو هوءَ پنهنجي فلم جي شوٽنگ تي پهتي ته سڀ کانئس سندس خيريت پڇي رهيا هئا، هر ڪو کانئس پڇي رهيو هو ته تون ٺيڪ آهين؟

اداڪارا جو چوڻ هو ته اها حيرت جي ڳالهه هئي ته سڀ کانئس اهو ئي سوال ڪري رهيا هئا پر کيس بعد ۾ خبر پئي ته هن بابت افواهه هئا ته کيس پيءَ گوليون هڻي ماي ڇڏيو آهي ۽ هر ڪو کيس صحيح سلامت ڏسي حيران ٿي رهيو هو.

ياد رهي ته اداڪارا منداڪني آخري ڀيرو 1996ع ۾ ڀارتي اداڪار گووندا سان فلم ”زوردار“ ۾ نظر آئي هئي، جنهن کانپوءِ 26 سالن بعد 2022ع ۾ اداڪاره پنهنجي پٽ رابي سان گڏ فلم ”ما او ما“ جي وڊيو ۾ نظر آئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.