سنڌ ۾ برسات ۽ ڳڙي جي اڳڪٿي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٻن ڏينهن کانپوءِ ملڪ جي مٿين ۽ اولهه علائقن ۾ برساتن ۽ ڳڙي پوڻ جو نئون سسٽم داخل ٿيندو، ان حوالي سان موسميات کاتي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 28 مئي کان هڪ ٻيو اولهه سسٽم ملڪ جي مٿين ۽ اولهه علائقن ۾ داخل ٿيندو، جنهن تحت سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ ڳڙو پوڻ امڪان آهي.

اولهه سسٽم تحت ڄامشوري، مٽياري، حيدرآباد، سکر، قمبر شهدادڪوٽ، ٽنڊي الهيار، ميرپورخاص، لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور ۾ آنڌاري ۽ هلڪي برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب دادو، سانگهڙ، خيرپور، ڪشمور ۾ آنڌاري ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي ڳڙو به پئجي سگهي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.