عامر خان ڪهڙي اداڪارا سان ٽين شادي ڪندو؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اسٽار عامر خان ٽين شادي ڪري رهيو آهي، بالي ووڊ جي صحافي ڪمال خان دعويٰ ڪئي آهي ته عامر ۽ فاطما ثنا شيخ جلد شادي ڪندا.

بالي ووڊ فلم دنگل ۾ اداڪارا فاطما ثنا شيخ عامر خان جي ڌيءَ گيتا ڦوگاٽ جو ڪردار ادا ڪيو هو. هاڻ بالي ووڊ جي مشهور صحافي ڪمال آر خان ٽوئيٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته عامر خان پنهنجي ڌيءَ جي عمر جي ڇوڪري فاطما ثنا شيخ سان شادي ڪندو، صحافيءَ اهو به انڪشاف ڪيو ته عامر خان ثنا کي دنگل فلم جي وقت کان ئي ڊيٽ ڪري رهيو آهي.

Fatima Sana Shaikh - Rotten Tomatoes

ڪجهه ڏينهن اڳ عامر خان ۽ فاطما ثنا جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ عامر خان فاطما سان گڏ پڪل بال کيڏندي نظر اچي رهيو آهي.

Aamir Khan-Fatima Sana Shaikh SPOTTED Enjoying A Game Of Pickleball;  Rumoured Couple's Dating Rumours Resurface-

واضح رهي ته عامر خان ٻه شاديون ڪري چڪو آهي. هن پنهنجي ٻين زال ڪِرن رائو کان 2021 ۾ طلاق ورتي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.