ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ فلم ٽائيگر 3 جي نمائش جي تاريخ جو اعلان ٿي ويو، سلمان خان ٻڌايو ته فلم هلندڙ سال نومبر جي ٻين هفتي ۾ سينيما گھرن ۾ پيش ڪئي ويندي.
ٽائيگر 3 جي شوٽنگ ختم ٿي وئي. جنهن کان پوءِ فلم جي پوسٽ پروڊڪشن تي ڪم شروع ڪيو ويندو.
هڪ پريس ڪانفرنس ۾ سلمان خان ٻڌايو ته هن جي نئين فلم ٽائيگر 3 جي شوٽنگ هڪ رات اڳ ئي مڪمل ٿي چڪي آهي. سلمان خان اهو به اعلان ڪيو ته فلم کي ڏياريءَ جي موقعي تي 10 نومبر تي رليز ڪيو ويندو.