ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ ايندڙ مهيني کان هيٽ ويو جو امڪان آهي، ان سلسلي ۾ صوبائي صحت کاتي اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.
سنڌ جي صحت کاتي ايڪشن پلان جاري ڪندي چيو آهي ته جون ۾ صوبي ۾ هيٽ ويو جو امڪان آهي، هيٽ ويو سان شهري ۽ ٻهراڙي جا علائقا متاثر ٿي سگهن ٿا.
ڊي جي هيلٿ سنڌ جي سربراهي ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويندو، ضلعي آفيسر سمورين سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائيندا.
صوبائي صحت کاتي اسپتالن جي ايمرجنسي کي هاءِ الرٽ ڪرڻ ۽ ضروري دوائن جي موجودگي يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن.