نماز سيکارڻ لاءِ سمارٽ مُسلو  ايجاد

نون مسلمانن کي نماز سيکارڻ لاءِ قطري شهري سمارٽ مُسلو  ايجاد ڪيو آهي ان ڪارنامي تي کيس گولڊ ميڊل سان نوازيو ويو آهي.

اوهان سمارٽ فون، سمارٽ ٽي وي ۽ ٻين برقي اوزارن بابت ٻڌو ۽ ڏٺو به هوندو پر هاڻ دنيا ۾ سمارٽ مُسلو به تيار ڪيو ويو آهي جيڪو دنيا جو پهريون سمارٽ مُسلو  آهي ۽ ان جو ڪم اسلام قبول ڪندڙ نون مسلمانن کي نماز سيکارڻ آهي.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب قطري شهري انجينيئر عبدالرحمان صالح خامس نون مسلمانن لاءِ اها اهم ايجاد ڪئي جنهن جو کيس عالمي سطح تي صَلو به ملي ويو ۽ جنيوا ۾ رٿيل 48 هين عالمي ايجادن جي نمائش ۾ عبدالرحمان کي دنيا جو پهريون سمارٽ مُسلو ايجاد ڪرڻ تي گولڊ ميڊل سان نوازيو ويو.

ان سمارٽ مُسلي ۾ هڪ اسڪرين ۽ لائٽ لڳائي وئي آهي، ان کانسواءِ ان ۾ اسپيڪر به لڳل آهن جيڪي نماز سيکندڙن کي انگريزي ۽ عربي ٻوليءَ ۾ 25 کان وڌيڪ مختلف طريقن سان نماز پڙهڻ سيکارين ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.