شاديءَ جي ڏٽي تي گھر ڇڏيندڙ ناري اجتماعي زيادتي جو شڪار

حيدرآباد ۾ شاديءَ جي ڏٽي تي گھر ڇڏيندڙ ڇوڪري کي مبينا طور تي اجتمائي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو.

حيدرآباد ۾ شادي جي ڏٽي تي گھر ڇڏيندڙ ڇوڪري اجتماعي زيادتي جو شڪار ٿي وئي پوليس ڇوڪريءَ جي فرياد تي چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پوليس ٻڌايو ته حيدرآباد جي رهواسڻ ڇوڪري جي فون تي سکر جي علائقي نيو پنڊ جي نوجوان علي ڪنبوهه سان دوستي ٿي هئي علي ڪنبوهه سان شادي ڪرڻ لاءِ ڇوڪري حيدرآباد کان نيو پنڊ پهتي جتي نوجوان شادي کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ کيس دوستن سان گڏ زيادتي جو نشانو بڻايو.

پوليس موجب چارئي جوابدار زيادتي کان پوءِ ڇوڪريء کي ڇڏي فرار ٿي ويا ڇوڪري فرياد کڻي نيو پنڊ ٿاڻي پهتي جنهن کان پوءِ پوليس ڇوڪريءَ جي فرياد تي چئني ڇوڪرن کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڇوڪريءَ کي ميڊيڪل لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي سڀاڻي ڇوڪريءَ جي شروعاتي ميڊيڪل رپورٽ ۽ گرفتار ڪيل ڇوڪرن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.