اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪتسان آڊيو ليڪس انڪوائري ڪميشن جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ آڊيو ليڪس ڪميشن جي لکت حڪم ۽ ڪارروائي تي به منع نامو جاري ڪري ڇڏيو ۽ آڊيو ليڪ انڪوائري ڪميشن قائم ڪرڻ جو 19 مئي جو حڪومتي نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ پنهنجي لکت حڪم ۾ چيو آهي ته آڊيو ليڪ انڪوائري ڪميشن جي معاملي تي ايندڙ ٻڌڻي 31 مئي تي ٿيندي.
سپريم ڪورٽ جي حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته ڪميشن ۾ ججن جي نامزدگي بابت چيف جسٽس جي مشاورت لازمي عمل آهي.
سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس شاهد وحيد ۽ جسٽس اظهر رضوي تي ٻڌل 5 رڪني لارجر بئنچ آڊيو ليڪس ڪميشن خلاف عمران خان ۽ ٻين جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي جي شروعات تي اٽارني جنرل بئنچ ۾ چيف جسٽس جي شموليت تي اعتراض ڪندي چيو ته درخواست آهي چيف جسٽس ان بئنچ جو حصو نه بڻجي.
واضح رهي ته آڊيو ليڪس جي معاملي تي وفاقي حڪومت 3 رڪني جڊيشل ڪميٽي جوڙي آهي، سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ قائم ڪميشن ۾ بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا چيف جسٽس شامل آهن.
ڪميشن جڊيشري جي حوالي سان ليڪ ٿيندڙ آڊيوز تي جاچ ڪندي ۽ پنهنجي رپورٽ 30 ڏينهن ۾ وفاقي حڪومت کي پيش ڪندي.