ڪراچي (ويب ڊيسڪ) انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جو اگهه 59 پئسا گهٽيو، جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ هڪ رپيو وڌيو ويو آهي، ٻنهي مارڪيٽن ۾ ڊالر ريٽ جو فرق 24 رپيا 85 پئسا ٿي ويو آهي.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب انٽر بئنڪ ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر جو اگهه 285 رپيا 15 پئسا رهيو، گذريل ڏينهن ڊالر 285 رپين 74 پئسن تي بند ٿيو هو.
انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڊالر جو قدر 59 پئسا گهٽيو آهي، جڏهن ته هفتيوار بنياد تي ڊالر جو اگهه 67 پئسا گهٽ ٿيو آهي.
هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو اگهه هڪ رپيو وڌڻ کانپوءِ 310 رپيا آهي.