ڀارت ۾ زال پنهنجي مڙس جي ڄنگهه ڀڃي ڇڏي جنهن جو سبب اهو آهي ته سندس مڙس شراب جو عادي هو ۽ گھر جو خرچ نه ڏيندو هو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب اهو واقعو ڀارت جي ضلعي موتي پور ٿاڻي جي علائقي ۾ پيش آيو جتي پڊاريا ڳوٺ ۾ چندراوتي نالي عورت پنهنجي مڙس جي شراب واپرائڻ کان تنگ ٿي ڏنڊا مڻي مڙس جي ڄنگهه ڀڃي ڇڏي جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
رپورٽن موجب سنجي جيڪو به ڪمائيندو هو اهو گھر ۾ ڏيڻ بدران شراب ۾ خرچ ڪري ڇڏيندو هو، جڏهن زال هن کان گھر جي خرچ لاءِ پيسا گھرندي هئي ته هو گھر ۾ گوڙ ڪندو هو ۽ زال کي تشدد جو نشانو بڻائيندو هو.
چندراوتي ان ڏينهن گوڙ کان تنگ ٿي، شرابي مڙس کي سڌارڻ لاءِ ڏنڊو کنيو جنهن جي نتيجي ۾ سندس مڙس جي ڄنگهه ڀڃي پئي. رڙيو ڪرڻ تي زال کيس اسپتال کڻي وئي جتي سندس علاج هلندڙ آهي.
ان حوالي سان چندراوتي جو چوڻ هو ته هن جو مڙس سنجي شراب جو عادي آهي ۽ گھر ۾ به ڪجهه ناهي ڏيندو، گھر هلائڻ لاءِ آئون پاڻ ڪمائيندي آهيان ان جي حرڪتن کان تنگ ٿي آئون کيس ماريو جنهن سبب هن جي ڄنگهه ڀڃي پئي.
ٻئي پاسي واقعي جي حوالي سان پوليس جو چوڻ هو ته هنن کي ان معاملي بابت ڪا به شڪايت ناهي ملي جيڪڏهن ملي ته قانون موجب جاچ ڪري ڪارروائي ڪئي ويندي.