ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دنيا ۾ هڪ عورت اهڙي آهي جنهن سان ماڻهو ان لاءِ ساڙ ڪندا آهن ڇو ته کيس سور محسوس ئي ناهي ٿيندو، هو بنا بيچيني، خوف ۽ جسماني تڪليف جي زندگي گذاري ٿي.
اسڪاٽش عورت ڪيمرون انهن ماڻهن مان آهي جن جيڪي هڪ انوکي جين سان پيدا ٿي.
سندس اهڙي حالت تي مطالعو ڪيو ويو ته جيئن سور ختم ڪندڙ دوائون تيار ڪري سگهجن.
سائنسدانن هن ناياب ڪيفيت جي طريقيڪار کي سمجهڻ ۽ بهتر دوائون تيار ڪرڻ جي اميد ۾ ڪيمرون جي ڪيس جو مطالبوشروع ڪري ڇڏيو آهي.
74 سالن جي ڪيمرون پنهنجي مڙس جم سان وائيٽ برج ۾ رهي ٿي.
سندس اهڙي ڪيفيت جو انڪشاف تڏهن ٿيو جڏهن سندس هٿ ۽ سٿرن جي آپريشن بعد ڊاڪٽرن ڏٺو ته کيس ڪو سور ئي نه ٿيو.