غزه (ويب ڊيسڪ) ظالم اسرائيلي فوج فلسطينين جي سڄي ڳوٺ کي ڊاهي ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو بي گھر ٿي ويا آهن.
اسرائيل جا فلسطين ۾ جنگي ڏوهه جاري آهن. صيهوني فوج ظلم ڪندي والاريل اولهه ڪناري فلسطينين جي ڳوٺ کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب عين سمايه ڳوٺ ۾ 44 ورهين کان آباد ڪيترائي ماڻهو پنهنجي گھرن مان بي دخل ٿي ويا.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اسرائيلي فوج عين ساميه ڳوٺ جي اڪيلي اسڪول کي به ڊاهڻ جو اعلان ڪيو آهي.
فلسطين ۾ يهودين جي غير قانوني آبادڪاري تي چين به ڳالهايو آهي. چين جي نائب مستقل نمائيندي سلامتي ڪائونسل ۾ اسرائيل کان مطالبو ڪيو آهي ته اسرائيلي آبادڪاري عالمي قانونن ۽ انساني حقن جي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي آهي.
چين مطالبو ڪيو ته اسرائيل فلسطيني علائقن مان فوري طور تي قبضو ختم ڪري، ان کانسواءِ فلسطين ۾ فوري طور تي ظالماڻيون ڪارروائيو بند ڪيون وڃن.