9 مئي واقعن جي سازش بلاول هائوس، رائيونڊ يا نائين زيرو ۾ ٿئي ها ته ڪهڙو ردعمل هجي ها؟ بلاول

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 9 مئي واقعن کي نظرانداز ڪيو ويو ته ملڪ هلائڻ ڏکيو ئي نه ناممڪن ٿي ويندو، جيڪڏهن 9 مئي واقعن جي سازش بلاول هائوس، رائيونڊ يا نائين زيرو ۾ ٿئي ها ته ڪهڙو ردعمل هجي ها؟

ڪراچي ۾ پاڻي فراهمي جي اسڪيم ڪي فور جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ دوران به ماڻهو هٿيار کڻي گهمي رهيا هئا پر حڪومت ايڪشن نه ورتو، وزيراعظم فارن فنڊنگ ڪيس ۽ القادر ٽرسٽ ڪيس جي بنياد تي پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائي پئي سگهيو پر اسان نه چاهيو ته سياسي انتقام جو تاثر وڃي ۽ هڪ بُرو مثال قائم ٿئي.

هن وزيراعظم کي مخاطب ٿيندي چيو ته ملڪ جو سڀ کان غير مقبول ادارو واپڊا آهي، جنهن سبب اسان جا ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز تڪن ۾ نٿا وڃي سگهن، ڪي فور منصوبي تي قائم علي شاهه جي دور کان رڳو بريفنگ ڏني ويندي آهي، مان پاڻ ملڪ جو پرڏيهي وزير هوندي پنهنجي گهر لاءِ ٽئنڪر جو پاڻي خريد ڪندو آهيان، وزيراعظم صاحب! ڪي فور منصوبي جي حوالي سان شهباز اسپيڊ جي ضرورت آهي.

وزيراعظم کي مخاطب ٿيندي بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته اسان توهان ڏانهن واجهائي رهيا آهيون، توهان پنهنجي هڪ ٽيم ٺاهيو، جيڪا مسئلن کي حل ڪري، وزيراعظم کي سنڌ جي ٻن وڏين جماعتن جي حمايت حاصل آهي، اسان سڀ گڏجي ملڪ جا مسئلا حل ڪرڻ چاهيون ٿا، گڏجي ڪم ڪنداسين ته ملڪ جا مسئلا حل ٿيندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.