واٽس ايپ پنهنجي نئين ورجن v2.23.11.11 ۾ گروپ چيٽنگ جو نئون آپشن ۽ سهولتون پيش ڪيون آهن. انهن جو مطالبو گھڻي عرصي کان ڪيو پيو وڃي.
واٽس ايپ نئين ورجن ۾ گروپ چيٽنگ کي مڪمل طور تي تبديل ڪيو ويو آهي. هن وقت ڪجهه واهپيدار ان کي تجرباتي طور تي استعمال ڪري رهيا آهن. جنهن ۾ ميسيجنگ سوڌو ڪيترائي آپشن موجود آهن.
نئين تبديلين تحت نيوي گيشن کي سولو بڻايو ويو آهي ۽ هڪ آپشن جي هيٺان وڌيڪ آپشن رکيا ويا آهن ته جيئن پهچ ۾ سولائي ٿي سگھي. پراڻي سيٽ اپ ۾، ايڊٽ گروپ سيٽنگز، سينڊ ميسيجز، ايڊٽ گروپ ايڊمن ۽ اپروو نيو پروجيڪٽ جا بٽڻ شامل هئا. نئين تبديلين کان پوءِ ايڊٽ گروپ سيٽنگز جي هيٺان آئڪن، ڊسڪرپشن، گم ٿيل پيغام، انهن جو ٽائمر وغيره جا آپشن وڌايا وايا آهن.
اهڙيءَ طرح هڪ بٽڻ وڌايو ويو آهي جنهن ۾ ٻين ماڻهن کي گروپ ۾ دعوت ڏئي سگھجيٿي. اهڙيءَ طرح گروپ ايڊمن جي ڪنٽرول لاءِ به ڪجهه نوان آپشن پيش ڪيا ويا آهن.