اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن بابت خاص مددگار شزا فاطمه ليپ ٽاپ اسڪيم ٻيهر شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پريس ڪانفرنس ڪندي شزا فاطمه چيو ته ن ليگ هر دور ۾ نوجوانن کي بااختيار بڻايو، انهن جي بهتر مستقبل لاءِ منصوبا شروع ڪيا، 2013 ۾ نواز شريف يوٿ پروگرام شروع ڪيو، نوجوانن جي بهتر مستقبل لاءِ ڪيترائي منصوبا شروع ڪيا ويا ۽ گذريل دور ۾ شاگردن کي ليپ ٽاپ ڏنا ويا.
هن چيو ته بدقسمتي سان 2018 ۾ ليپ ٽاپ اسڪيم بند ڪئي وئي، هلندڙ سال ليپ ٽاپ اسڪيم ٻيهر شروع ڪري رهيا آهيون، گذريل حڪومت نوجوانن کي شرپسندي ڏانهن ڌڪيو ۽ ناڪاري ڳالهين ذريعي انهن جي ذهن سازي ڪئي وئي.
سندس چوڻ هو ته 9 مئي واقعا ان جو ئي تسلسل آهن، هر محب وطن انهن واقعن جي مذمت ڪري ٿو، نوجوانن ۾ صحمتند سرگرمين کي هٿي ڏيڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، 54 هزار ٻار مختلف راندين جو حصو بڻائي چڪا آهيون، نيشنل انوويشن پروگرام تحت 3 هزار شاگردن کي انعام ڏنا ويندا.