نورا فتيحي سوشل ميڊيا ٽرولنگ کان بچڻ جو نسخو ٻڌائي ڇڏيو

بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ۽ ڊانسر نورا فتيحي کي گھڻو ڪري سوشل ميڊيا ٽرولنگ کي منهن ڏيڻو پوندو آهي ۽ هوءَ ان ٽرولنگ جو مقابلو ڪيئن ڪندي آهي ان تي هن خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي اداڪارا جو چوڻ هو ته ٽرول ڪندڙ تي پنهنجي توانائي خرچ نه ڪرڻ گھرجي ۽ اهڙن ناڪاري ماڻهن کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪيو وڃي.

نورا فتيحي ٻڌايو ته هوءَ ٽرول ڪندڙن تي ڌيان ناهي ڏيندي، زندگي ۾ گھڻيون بهترين شيون موجود آهن ۽ اسان کي انهن تي توانائي خرچ ڪرڻ گھرجي.

نورا فتيحي کان پڇيو ويو ته هوءُ ڪهڙي اداڪار سان ڊانس ڪرڻ  پسند ڪندي جنهن تي هن چيو ته هرٿيڪ روشن ۽ پرڀوديوا سان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.