يوٽيوب اهم فيچر ختم ڪري ڇڏيو

يو ٽيوب پنهنجي پليٽ فارم تان اسٽوريز فيچر کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

اهو فيچر 2018ع ۾ متعارف ڪرايو ويو هو ۽ ڪريئيٽرز ۾ گھڻو مشهور هو.

يوٽيوب طرفان جاري ڪيل بيان موجب هاڻ ڪمپني طرفان اسٽوريز بدران ڪميونٽي پوسٽس ۽ ننڍين وڊيوز جي سيڪشن شارٽس تي ڌيان ڏنو ويندو.

بيان ۾ ٻڌايو ويو ته 26 جون 2023ع اسٽوريز پوسٽ ڪرڻ جو آخري ڏينهن هوندو جنهن کان پوءِ ان کي وڌيڪ استعمال ڪرڻ ممڪن نه هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.