عمران خان اي سي ايل ۾ نالو وجهڻ تي حڪومت جو ٿورائتو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان اي سي ايل ۾ نالو وجهڻ تي حڪومت جا ٿورا مڃيا آهن.

ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ته اي سي ايل ۾ نالو وجهڻ تي حڪومت جا ٿورا مڃڻ چاهيان ٿو، هونئن به منهنجو ٻاهر وڃڻ جو ڪو ارادو ناهي، ڇو ته منهنجي اتي ڪا ملڪيت ۽ ڪاروبار ناهي، ايتري تائين جو ٻاهر منهنجو ڪو بئنڪ اڪائونٽ به ناهي.

هن چيو ته جيڪڏهن مون کي موڪلون گذارڻ جو ڪو موقعو ملي ٿو ته اسان جي اترين علائقن ۾ جبل آهن، اها منهنجي پسنديده جاءِ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.