گھڻين شين جي قيمت 99 تي ڇو ختم ٿيندي آهي؟

ٿي سگهي ٿو ته اوهان ڪڏهن غور ڪيو هجي پر موبائل فونز، عام شين يا ٻين جي اگھن ۾ هڪ شيءِ گڏيل هوندي آهي.

انهن سڀني جي قيمت 99 يا 99. تي ختم ٿيندي آهي.

اسان مان گھڻا ماڻهو ته 99 يا 1099 ۾ ڪجهه خريد ڪندي سوچيندا ناهن، پر ان بابت سوچيو وڃي ته ڪجهه عجيب لڳندو آهي ته آخر قيمت پوري 100 يا 1100 رپيا ڇو نٿي رکي وڃي؟

ته ان جي پٺيان ڪهڙو سبب لِڪيل آهي، ڇا ان جو مقصد اوهان کي گھڻو خرچ ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ آهي؟

ان جو جواب ها آهي پر ڳالهه ايستائين محدود ناهي ان پٺيان لڪيل سبب گھڻو سادو آهي.

ماهرن موجب بنيادي طور تي ان جي طريقيڪار کي سائڪولوجيڪ پرائسنگ چيو ويندو آهي.

هنن ٻڌايو ته ماڻهو اگھن کي سڄي، کاٻي پاسي پڙهندا آهن ۽ اسان شروعات جي ڀيٽ ۾ آخري نمبرن تي گھٽ ڌيان ڏيندا آهيون.

سندن چوڻ هو ته اهو طريقيڪار ان وقت گھڻو اثرائتو ثابت ٿيندو آهي جڏهن اسان هڪ ئي وقت مختلف شين جا اگھه ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون ۽ انهن جي قيمت شروعاتي نمبرن جي ڀيٽ ۾ گھڻي نمايان هوندي آهي.

ته پهريون نمبر گھڻن ماڻهن کي قائل ڪرڻ لاءِ ڪافي ثابت ٿيندو آهي ڇو جوکين لڳندو آهي ته ڪنهن شيءِ جا 99 رپيا ڏيڻ 100 رپين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر آهي.

يقين ڪرڻ ڏکيو هوندو پر جڏهن اسان ڪنهن شيءِ جي قيمت 99 رپيا ڏسندا آهيو ته اسان ان کي 90 کان 99 رپين جي رينج سان سلهاڙيندا آهيون، 100 جو خيال ذهن ۾ گھڻو گھٽ ايندو آهي.

ته هڪ رپئي جي گھٽتائي گھڻو نفسياتي فرق پيدا ڪندي آهي.

ڪجهه ماهرن جو ته چوڻ آهي ته ايتري تائين جو جڏهن اسان ڪنهن شيءِ جي پرائس ٽيگ 99.99 پيسا ڏسندا آهيون ته اهو سوچيندا آهيو ته قيمت 99 رپيا ۽ ڪجهه پيسا آهي ۽ 100 رپين جي ناهيون سوچيندا.

ان جي ڀيٽ ۾ ان شيءِ جي قيمت 100 رپيا لکيل هجي ته اسان کي لڳندو آهي ته اُها مهانگي آهي پر اگهه ۾ فرق رڳو هڪ پيسي جو ئي هوندو آهي.

99 جا نمبر ڪنهن شيءِ سان لڳل هجي ته ائين لڳندو آهي ته ڄڻ اهو سيل ۾ وڪرو ڪيو پيو وڃي ۽ ماڻهن کي لڳندو آهي ته ان کي خريد ڪري کين فائدو ٿيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.