ٿوري دير جي لاءِ هي آرٽيڪل پڙهندڙ پنهنجي ذهن ۾ وجود خيال پيدا ڪن، انسان جيڪي اڄ آهن ڏهه سال اڳ به ائين ئي هئا، سئو سال اڳ به ائين ئي هئا هزار سال اڳ به ائين ئي هئا ته پنج هزار سال اڳ به ائين ئي هئا.
توهان چوندئون ته پنج هزار سال اڳ واري دور جي انسان ۽ اڄ واري دور جي انسان ۾ زمين آسمان جو فرق آهي، ائين ڪيئن ٿو چئي سگهجي ته سڀ ساڳيا هيا. بلڪل صحيح! پر هتي ڳالهه رڳو انسان جي بناوت ۽ بنيادي فطري ضرورتن جي ٿي ڪجي، نه ڪي رهڻي ڪهڻي ۽ کائڻ پيئڻ جي طريقيڪار جي.
پنج هزار سال اڳ واري انسان کي به ننڊ جي ضرورت هئي اڄ جي انسان کي به ساڳئي ننڊ جي ضرورت هئي، تڏهن واري ماڻهو کي به کاڌو پيٽ ڀري کائڻ ضروري هو اڄ واري کي به، تڏهن واري کي به رهڻ لاءِ محفوظ جاءِ گهربل هئي هاڻوڪي کي به، تڏهوڪا انسان به ٿڪاوٽ، جسماني زخمن جو شڪار ٿيندا هئا اڄوڪا به ٿين ٿا، اڳ ۾ به مينهن، طوفانن، زلزلن ۽ ٻين آفتن کان بچڻو پوندو هو هاڻي به بچڻو پوي ٿو، تڏهن به صحت جا مسئلا هوندا هئا هاڻي به صحت جا مسئلا آهن. فرق اڳو اهو آ ته اڳي شين جي ايتري گهرائي سان خبر نه هوندي هئي جيتري هاڻي آهي، ايتريون سولايون نه هونديون هيون جيتريون هاڻي آهن، ايتري ترقي نه هوندي هئي جيتري هاڻي آهي، تازا، بنا ملاوٽ وارا کاڌا کائڻ جي ڪري ايتريون بيماريون نه هونديون هيون جيتريون هاڻي آهن.
تنهن باوجود به اهڙا ڪيترائي مسئلا ضرور آهن جيڪي آڳاٽي ماڻهن کي به ساڳيا ئي ٿيندا هئا ۽ هاڻوڪن کي به ساڳيا ئي ٿين ٿا، مثال طور بخار وغيره.
مختلف مسئلن جي حَل لاءِ جيڪي هاڻي طريقا اچي ويا آهن اهي ڪجهه وقت اڳ نه هوندا هئا، ان جو اهو مطلب ناهي ته اهي ماڻهو انهن مسئلن کي حل ئي نه ڪندا هئا پر انهن وٽ انهن جا حَل ٻيا هوندا هئا، اهڙي ئي حوالي سان اسان صحت جا ڪجهه اهم مسئلا کڻي آيا آهيون جيڪي پراڻي دور جا ماڻهو پنهنجي انداز سان حل ڪندا هئا، وڏي اهم ڳالهه اها آهي ته علاج جا اهي طريقا جديد سائنس ۾ ثابت ٿي چڪا آهن ۽ انهن کي صحت لاءِ موثر قرار ڏنو ويو آهي.
بنا دير ڄاڻيون ٿا ته ڪهڙا مسئلا آهن جيڪي ٿوري محنت سان ئي حَل ڪري سگهجن ٿا.
- پيرن کي تيل مکڻ سان دماغ تيز ٿيندو آهي، پيرن جي ترين کي مالش ڪجي ته دماغ کي طاقت ملندي.
- آڱوٺن تي تيل لڳائجي ته اکين جي نظر تيز ٿيندي آهي.
- نڪ تي تيل لڳائجي ته ڊپريشن ختم ٿيندو آهي.
- ڳچيءَ تي تيل لڳائجي ته سستائپ ختم ٿي ويندي آهي.
- دن ۾ تيل وجهڻ سان سوين فائدا آهن، اهو وزن وڌائڻ لاءِ به ڪارائتو هوندو آهي.
- ڪَن ۾ تيل وججهجي ته ٻڌڻ جي صلاحيت وڌندي آهي.
- ڪَن جي پُٺين حصي تي تيل لڳائجي ته ڦڙتي ٿيندي آهي.
- شرمگاهه تي تيل لڳائجي ته جنسي طاقت ۾ واڌ ٿيندي آهي.
- چيلهه تي تيل لڳائجي ته چيلهه جو سور ختم ٿيندو آهي.
- اکين مٿان ۽ نرڙ تي تيل لڳائڻ جي سڪون ملڻ سان گڏ سوچڻ سمجهڻ ۾ سولائي ٿيندي آهي.
- پيرن جي ترين کي تيل لڳائجي ته جسم ۾ سور ناهي پوندو.
- هٿ جي پٺين حصي تي تيل لڳائجي ته ذهانت وڌندي آهي.
- ڇاتي تي تيل لڳائجي ته جسم جي گرمي ختم ٿي ويندي آهي.
- ننهن کي تيل لڳائجي ته هٿ سخت ٿيندا آهن.
- چپن تي تيل لڳائجي ته چپ ڦاٽندا ناهن.
- ڪڇن/بگلن ۾ تيل لڳائجي ته ننڊ سڪون جي ايندي آهي.
اهي سورهن مسئلا آهن جيڪي رڳو تيل لڳائڻ سان حل ٿي ويندا آهن، جيڪڏهن توهان مان ڪو به انهن مسئلن جو شڪار آهي ته رڳو تيل هڻي انهن مسئلن مان جند ڇڏائي سگهي ٿو جڏهن ته انهن مسئلن جو شڪار ناهيو به تيل هڻڻ ڪو نقصان ناهي توهان کي فائدو ئي پهچندو.