ڪاري نسل جو جرنل آمريڪي فوج جو نئون سربراهه نامزد

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ڪاري نسل جي جرنل چارلس ڪيوبرائون کي آمريڪي فوج جو نئون چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف نامزد ڪيو ويو.

آمريڪي صدر جو بائيدن نئين چيف جي نامزدگي جو اعلان ڪيو، جنرل برائون هن وقت آمريڪي ايئر فورس جو چيف آف اسٽاف آهي.

جنرل برائون آمريڪي تاريخ جو ٻيون ڪاري نسل جو چيف هوندو، ان کان اڳ جنرل ڪولن پائول ان عهدي تي رهي چڪو آهي.

چيئرمين جوائنٽ چيفس اسٽاف جنرل مارڪ ملي سيپٽمبر ۾ عهدي تائين رٽائر ٿيندو جنهن کانپوءِ جنرل چارلس ڪيو برائون پنهنجو عهدو سنڀاليندو.

واضح رهي ته آمريڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بچاءَ وارو وزير ۽ چيف آف اسٽاف ڪاري نسل جو هوندو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.