شھدادپور( ن ع آ ) ٽي ڏينهن اڳ هالا ڀرسان ڌاڙيل هٿان اغوا ڪيل شھدادپور واسي نوجوان احسن لاشاري جي بازيابي لاءِ سندس وارثن دوستن پاران بينر پلي ڪارڊ کڻي علي چونڪ کان احتجاجي ريلي ڪڊي پريس آڏو نٽڻ اس احتجاج ڪيو ان احسن لاشاري جي وارثن چيو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني نه آھي خدارا احسن کي بازياب ڪرايو وڃي هنن چيوته اسان ننڊون فٽلن اسين سخت پريشان آھيون ان موقعي تي احسن جي والد راجه لاشاري هٿ ٻڌي التجائون ڪيون ته منهن جي ٻچي بازياب ڪرايو وڃي منهنجو سڪون حرام آھي آئون پرائمري استاد آھيان مون تي رحم ڪريو مونکي پنهنجو پٽ ڏيو احسن لاشاري جي ڀيڻ روئيندي ڌاڙيلن کي اپيل آھي ته خدارا تونهان کي الله جو ان جي رسول واسطو آھي ته مون نياڻي کي ڀاء واپس ڪيو هن چيوته تازو منهنجي والده وفات ڪري وئي اسين يتيم آھيون احسن اسان جو سهارو آھي حسن کي ڇڏي ڏيو هن ڌاڙيلن کي پنهنجي اولاد جو پڻ واسطو ڏنو ته کيس ڀاء واپس ڪيو وڃي